زندگي

زندگي

زندگي 2

زندگي (ڪتاب): هيءُ انگريز دور جي هڪ شاعر نرمل جيوتاڻيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪو ٽئگور کان متاثر هو ۽ نوجوانيءَ ۾ گذاري ويو هو. چيو وڃي ٿو ته هيءُ انگريز دور جو پهريون شاعر نوجوان هو، جنهن کي سرڪار مخالف هئڻ ڪري ڦٽڪا لڳا هئا، هن هڪ ناول به لکيو، سندس شاعري، سندس وفات کان پوءِ ’زندگيءَ‘ ’جيون ڪلا‘ رسالي جي خاص پرچي طور به شايع ٿي. ڪتاب جو مهاڳ لڌارام موهنداس ۽ ديباچو نند گدواڻيءَ لکيو آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1947ع ۾ ڪوهنور اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس، مولو ٻٻر گھٽي، حيدرآباد سنڌ مان ڇپجي پڌرو ٿيو. هيءُ ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ 62 صفحن تي مشتمل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو